الھبچايو راھوڪڙو

الھبچايو راھوڪڙو

الھبچايو راھوڪڙو

الھبچايو راھوڪڙو: شاعر، اديب ۽ صحافي الھبچا يو راھوڪڙو پھرين جنوري 1973ع تي، ڳوٺ متُو راھوڪڙي، تعلقي تلھار، ضلعي بدين ۾ محمد اسماعيل راھوڪڙي جي گھر ۾ ڄائو. B.E (ڪيميڪل) تائين تعليم مھراڻ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. شاگردي واري دؤر کان ئي ادب طرف سندس لاڙو رھيو. سندس مضمون ۽ مقالا ’ڪاوش‘، ’ڪاوش مئگزين‘، ’سنڌ ايڪسپريس‘، ’عبرت مئگزين‘، ’آفتاب‘ اخبار، ماھوار ’ڪينجھر‘، ’افيئر‘ مئگزين ۽ ٻين رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجندا رھيا آھن. تحقيقي موضوع تي سندس ھڪ ڪتاب ’تاريخ جي ڍنڍ ۾ ڪنول‘ ڇپيل آھي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري پڻ رھي چڪو آھي. الھبچايو راھوڪڙو ھن وقت نجي کاتي ۾ انجينئر جي حيثيت سان نوڪري ڪرڻ سان گڏ، ٽنڊي باگي لاءِ ڪاوش ۽ ڪي.ٽي.اين جي رپورٽر طور خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي.


لفظ الھبچايو راھوڪڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.01  عيسوي

شاعر، اديب ۽ صحافي الھبچا راھوڪيوڙون جنور، پھريي 1973ع تي، ڳوٺ متُو راھوڪڙي، تعلقي تلھار، ضلعي بدين ۾ محمد اسماعيل راھوڪڙي جي گھر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام جکرو ڳهڙ راءُ
چولياڻي روپلو
حڪيم ويرومل آريا پريمي
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
آغا حشر ڪاشميري
ڄام ڀرمل- I
شمل خاتون
رحمت الله خليفو
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
سندر اگناڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون